اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ ه??ون، ڪجهه پارٽيون ا?? معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي ج?? اجلاس ۾ سنڌ جو ??ڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو ??ڏو وزير سمورن فيصلن کان ا??ڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري ج?? مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.