اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گ??وگ?? معاشي استحڪام جي لاءِ ??ڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي ح??ومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي مالياتي مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عال??ي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا سا??اهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.