اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابي??ا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪ??يش?? جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪابي??ا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا وي?? جن مان 1579 تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عملدرامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عملدرآمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪابي??ا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي و??ير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاقي ڪابي??ا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا وي??، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابي??ا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.