اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بل??د ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ?? به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪن??ي چ??و ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪن??و ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بل??د ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت جي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.