اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قد?? کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان ا??لا?? کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ا??لا?? ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظ??ر، صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊا??ٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊا??ٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.