ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لا??ِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لا??ِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي و??ير??عظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لا??ِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، و??ير??عظم چيو ته سيوريج سسٽم جي حوالي سا?? فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، و??ير??عظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لا??ِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لا??ن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، و??ير??عظم چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنه?? هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.