اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪوم?? نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦا??ل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. انف??رم??شن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انف??رم??شن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت تحت يونيورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. معاهدي تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.