اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي جي حوالي سا?? قدمن جي ضرورت آهي، مرض جي آگاهي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ڇاتي جي ڪينسر جي سببن ۽ موروثي منتقلي سميت ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، اين جي اوز بيماري بابت ڊيٽابيس جي تياري ۾ مدد ڏين، ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سا?? شعور اجاگر ڪرڻ جي باري ۾ هتي ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي بيگم ثيمه علوي چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جا ٻه اهم مسئلن ۾ عورتن جي آگاهي ۽ تشخص شامل آهي، اهو مرض قابل علاج آهي ۽ جلد، وقت سر سڃاڻپ سا?? ان ??ي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته عورتون ان مرض تي ڳالهه ناهن ڪنديون ۽ ڇاتي جو ڪينسر خاموشي سا?? انساني جانيون وٺي رهيو آهي، هن چيو ته انگ ??کر ان جي سنگيني جا عڪاس آهن ان لا??ِ ان مرض جي آگاهي جي ضرورت وڌندي پئي وڃي. هن چيو ته ان مرض جي وقت سر سڃاڻپ سا?? علاج ممڪن آهي ان جي لاءِ ڇاتي جي ڪينسر کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي.