وانا – 20 8211; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان جي دوري دوران ضلعي ۾ احساس ڪفالت پر??گرام جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ڏکڻ وزيرستان جي 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي هلندڙ سال احساس پر??گرام جي ذريعي سماجي ۽ معاشي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ان موقعي تي سماجي تح??ظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس جي وزيرستان ۾ قدمن تي بريفنگ ڏني.