اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي لاءِ وسيلا گڏ ڪر?? شرم جي ڳالهه نه آهي، تاريخ لکندي ته سنڌ ڦريو پئ?? ويو ۽ بلاول پريس ڪانفرنس ۾ ب??نسري وڄائي رهيو هو، شرم ۽ ندامت توهان کي هجڻ گهرجي ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيون، اڳ ۾ مُڪرج?? ويا پوءِ تسليم ڪري ورتو. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته شرمندگي جي ڳالهه اها آهي ته توهان حڪ??ران هجو پر سنڌ جي عوام کي ڪتن جي ڪاٽڻ ج?? ويڪسين به ميسر نه هجي، ٿر ۾ بک وگهي ٻار مرندا رهن ۽ توهان بي حسي جو بُت بڻجي تماشو ڏسندا رهو.