اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ ج?? ترق?? جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاج?? جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي س?? جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاج?? جي استعمال جي حوالي سان ت??صي??ي بريفنگ ڏني.