اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته ??اپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪ??و ته ??امزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپا??ي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته ??اڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ??اڪستاني معيشت ڪورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.