اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي مل??ن جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس جو ”اسلام آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سا?? يڪجهتي جو اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هڪطرفي اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانو??ن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کان متاثر اي سي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. علائقائي واپار ۽ رابطن جو فروغ تي جاري ٿيندڙ اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پائيڪو جي پارليامينٽن جي سربراهن (اسپيڪر چيئرپرسنز صدرن) اسلام آباد ۾ پهرين کان 2 جون 2021ع تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ پائيڪو جي ٻي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وسيع البنياد مقصدن جي حمايت جي لاءِ پائيڪو جي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد ميمبر رياس??ن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.