ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه انجنيئر گلبدين حڪمت يار ا??غا?? مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چ??و آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت ا??غا??ستان ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه امن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته ا??غا??ستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سڄي ا??غا?? سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته ا??غا?? عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالبان ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته سڀني ا??غا??ين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سک??و آهي. هن چيو ته موجوده طالبان ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. ا??غا??ستان ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾هاڻي ا??غا??ستان ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ا??غا??ستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀارت ا??غا??ستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ ا??غا??ستان منتقل نه ڪري. ا??غا?? سر زمين کي ڪنهن به جنگ لا??ِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڀارت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀارت ۾ ا??غا??ستان ۾ امن جي بحالي لا??ِ ا??غا?? عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.