اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي ??عليم جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي، ٻارڙين جي تعليم کي ??هميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي ا??اثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، اسڪول گهرن کان پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پي??ا ٿين ٿا، موجوده حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي ??عليم جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي ا??تعمال سان اسڪول وظيفا پروگرام کي ??فاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان پروگرام جا ٻه اهم رخ آهن، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي ??سڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تعليم جي زيور کان آراسته ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان انهن کي ??ڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جو ايترو وڏو انگ اسڪول نه وڃي رهيو آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جي عوام هوندي آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي ??عليم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سرمايو ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ??رقي جو موقعو نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آهيون، ٻارڙيون وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ خاص طور ٻارڙين جي تعليم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تعليم کي ??هميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي ا??اثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، تعليم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارڙين کي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي ??عليم جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان اسڪيم سان تعليم جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آهي ته شايد اسان پنهنجي ٻارڙين کي ??عليم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آهي ۽ هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙين کي ??عليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر ڪجهه جاين تي ا??ڪول پري هوندا آهن ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پي??ا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ذميواري هئي ته اهي تعليم جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تعليم جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، انفارميشن ٽ??ڪنالاجي جي ا??تعمال سان ان پروگرام کي ??فاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ اسڪول جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ موثر نگراني پڻ ڪري سگهبي. هن اسڪيم جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ??اراهيو.