ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪن تي زو?? ڏنو آهي ته اهي مارڪيٽ جي تازه ترين رجح??نن ۽ مطالبن تي تحقيق ڪرڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن. اسلا??ي بئنڪنگ بابت چوٿين گول ميز ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته جڏهن يونيورسٽين جا شاگرد اڳ ۾ ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي لاءِ مختلف موضوعن تي مطالعو ڪري رهيا آهن ته اهڙي صورت ۾ تحقيق جي لاءِ جدا ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته ريسرچ شاگردن کي بئنڪنگ سيڪٽر پاران رهنمائي ۽ سرپرستي ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جي ڪوششن کي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ جديد رجح??نن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح بئنڪن کي گهربل تحقيق حاصل ٿيندي جڏهن ته شاگردن کي وڌيڪ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن چيو ته ڪنهن شخص جي موت جي فوري پوءِ دولت ۽ ملڪيت جي وراثت جي منتقلي پڻ اسلام جي تعليم جو روح آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي شرعي تعميل جي قدمن تي پڻ زو?? ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي مدد جي لاءِ قرضن جو هڪ حصو وقف ڪرڻ تي پڻ زو?? ڏنو ته جيئن اهي ملڪ جي پائيدار ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين شريعه بورڊ اسلامڪ بئنڪنگ ڊويزن مفتي محمد نجيب خان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا معزز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته اسلا??ي بئنڪنگ سسٽم کي جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ۽ اها روايتي نظام جي متبادل طور سامهون اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي اسلا??ي بئنڪاري تحت منافعي ۾ هڪ جهڙو شيئر مليو آهي، جنهن کي هن نظام جي خوبصورتي قرا?? ڏنو. ڊاڪٽر عشرت حسين اسلا??ي بئنڪاري پاران نظرانداز ڪيل شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته اسلا??ي بئنڪاري جي سهولت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب آهي ۽ چيو ته اها صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهرين ان نظام ۾ گهري دلچسپي ورتي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ٻن سالن ۾ شروع ڪيل سمورين اسڪيمن تي ماڻهن جو ردعمل ذڪر جوڳو هو. هن شرعي ڪمپلائنس جي نظام تحت زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبن جي لاءِ مصنوعات کي ڊيزائن ڪرڻ تي پڻ زو?? ڏنو ته جيئن انهن شعبن سان واڳيل ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي نجيب چيو ته اسلا??ي بئنڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مفتي نجيب اها تجويز پڻ ڏني ته اسلا??ي بئنڪاري کي ملڪ جي تعليم?? نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اسلا??ي بئنڪاري ۽ حلال انڊسٽري جي فروع بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو.