اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مختلف عالمي مالياتي ادارن وانگر ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ پاران به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڀرائي خوش آئنده آهي، اي ڊي پي، سماجي تحفظ، اداره جاتي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي تصديق ڪ??ي آهي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اي ڊي پي ڪورونا وائرس جي حملن دوران پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعت??اف ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عمران خ??ن ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان رکڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي زندگين ۽ رو??گا?? کي محفوظ بڻايو