اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄ??ڻي و??ڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فرار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور سلمان شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز پن??نجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انه?? ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.