اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبو وڌيڪ دير کانسواءِ مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت پاڪستان ۾ گئس جي ??ورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي وير شوڪت فياض ترين، توانائي وا??ي وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر، سامونڊي معاملن وا??ي وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جي ??اص معاون محمود مولوي ۽ لاڳاپيل آفيسن جي ??ملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي ??لب، ملڪي ذخيرن مان فراهمي ۽ ايل اين جي ??ي کوٽ ۽ درآمد بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا سرديءَ جي موسم ۾ وڌي 6000 کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي موجوده سپلائي 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهٽ ٿي رهي آهي، ان جي ڪري گئس جي کوٽ پوري ڪررڻ جي لاءِ ايل اين جي ??رآمد ڪرڻي پوي ٿي. موجوده انفراسٽرڪچر سان سردين ۾ اٽڪل 1000 ايم ايم سي ايف ڊي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف آپشنز اختيار ڪيا پيا وڃن، مختصر مدي جي لاءِ گهريلو ٽرمينلز جي موجوده صلاحيت کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ورچوئل پائيپ لائين لائيسنس جاري ڪرڻ جي ??مل کي تيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ جو ڪم جاري آهي ۽ سمورين رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ گئس جي ڳولا لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ڇو ته اهو قدرتي گئس جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي نئين ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ ۽ سيڙپڪارن پاران ورچوئل پائيپ لائين منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن وا??ي وزارت، پيٽروليم وزارت ۽ اوگرا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي هڪ ٻئي سان ??اب??و رکن ۽ سيڙپڪارن سميت ٻين سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. وزيراعظم نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي ??هميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل مقرر مدي ۾ وڌيڪ دير کانسواءِ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.