اسلام آباد – 18 جنوري (??ي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هوابازي جي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عم??ان خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقين?? بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي بهتر کان بهتر خدمتون پهچائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت ج?? اهم ضرورت آهي، وزيراعظم قومي فضائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.