ا??لا?? آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ کي حاصل ڪرڻ تي پنهنجي حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي اقتصادي سڌار?? جي ڪاميابي جو عا??مي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي، ڪو??ڊ – 19 جي عا??مي وبا کانپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ٿيڻ وري سر فهرست ملڪن ۾ پاڪستان شامل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو 3 سالن ۾ مجموعي قومي پيداوار ( جي ڊي پي) ۾ 5.37 سيڪڙو جي واڌ تي پنهنجي حڪومت کي مباڪباد ڏيڻ چاهي ٿو جنه?? جي نتيجي ۾ نوڪرين جا قابل ذڪر موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي حڪومت جي اقتصادي سڌار?? جي ڪاميابي جي عا??مي طور تي تائيد ۽ توثيق ٿي رهي آهي، بلومبرگ پاڪستان ۾ واڌ جي پائيدار تسلسل ۽ روزگار جي بلند شرح جي اڳڪٿي ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ٽن سر فهرست ملڪن ۾ شامل رهيو جتي ڪو??ڊ جي عالمگير وبا کانپوءِ معمول جي زندگي تيزي سان بحال ٿي آهي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني زندگين ۽ روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته دي اڪانومسٽ ان ڳالهه جو اعتراف پنهنجي تازه ترين نارميلسي انڊيڪس ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم ٽوئيٽس سان گڏ دي اڪانومسٽ جي انگرن اکرن جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن موجب ڪو??ڊ -19 جي وبا جي شدت ۾ گهٽتائي ??انپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ٿيندڙ 50 ملڪن ۾ پاڪستان جو ٻيو نمبر آهي، ان فهرست ۾ آمريڪا 25هين، آسٽريليا 38، فرانس 17، برطانيه 39، نيوزي لينڊ 41، جرمني 42، هالينڊ 50، چين 33، ويٽنام 30 ۽ برازيل 16 هين نمبر تي آهي، ڪو??ڊ کانپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ڪرائيندڙ ملڪن ۾ ڀارت اٺين نمبر تي آهي.