پنڊ دادن خان – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? جن ماڻهن جي ڪري پاڪست??ن جي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو ملڪ انهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، عوام ان وقت تائين نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي، جيستائين اهي قوم جو ڦريل پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، مخالف ڌر جو پنهنجو ڪو قد نه آهي، بلاول ک?? خبر آهي ته هو جهلم ۽ پنڊي مان ڪ??هه سئو ماڻهو به گڏ نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ هو فضل الرحم??ن جي ڪلهي تي چڙهي مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪري رهيو آهي، بلاول ک?? چوان ٿو ته هو زرداري جي سياست نه ڪري، هو بينظير ڀٽو ۽ پنهنجي ناني جي سياست ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب دوران شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحم??ن جي ملاقاتن سميت اهم سياسي معاملن تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جڳهه جڳهه تي ڀٽي رهيا آهن، پنجابي جي چوڻي آهي ”قربان وڃان ان ٿاڻيدار تي جنهن ماءُ جي ياد ڏياري ڇڏي“، قربان وڃان عمران خان تي جنهن اڄ انهن سڀني چورن کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، اسان اڳ ۾ انهن کي چئي رهيا هئاسين ته اهي سڀ چور گڏ آهن ۽ اڄ سڀني ڏسي به ورتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ سندس پٽ ڪيترن ئي سالن کان لنڊن ۾ ويٺل آهن، انهن جا اپارٽمينٽس، بلڊنگز ۽ گاڏيون سڀني جي سامهون آهن، آخر انهن جو خرچ ڪير کڻي رهيو آهي؟ هن چيو ته اس??ن جو نواز شريف سان ذاتي جهيڙو نه آهي، اسان صاف سٿري ڳالهه ڪريون ٿا ته قوم جو ڦريل پئسو قوم کي واپس ڪيو وڃي. هن چيو ته هي اهو پئسو آهي جيڪو پاڪست??ن جي عوام کان چوري ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ۾ هڪ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو پئي ويو ته مهانگائي تمام گ??ڻي ٿي وئي آهي، مون چيو ت?? جن جي ڪري مهانگائي ٿي آهي ڇا پاڪستان انهن کي واپس ڏئي ڇڏيون؟ هن چيو ت?? جن ماڻهن جي ڪري پاڪست??ن جي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، اس??ن جي چيلهه چٻي ٿي، ملڪ انهن جي حوالي ڪيئن ڪ??ي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٻاهر ويٺل آهن، انهن جي جرئت نه آهي ته اهي پاڪستان اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏين، نواز شريف هائيڊ پارڪ لنڊن جي سامهون هڪ ارب ڊالر جي پراپرٽي ٺاهي، مقصود چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽس مان اربين رپيا شهباز شريف اينڊ فيملي کي منتقل ٿيا، انهن ماڻهن پاڪست??ن جي عوام، مزدور ۽ واپاري کي ڦريو آهي، اڄ ماڻهو ڪهڙي منهن سان نواز شريف اينڊ ڪمپني جو ساٿ ڏئي رهيا آهن؟ هن چيو ته جيستائين اهي قوم جو پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، پاڪست??ن جي عوام قطعي طور تي نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي عوام س??ن جيڪي واعدا ڪيا، پورا ڪيا، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ماضي ۾ پنڊ دادن خان تعلقي جا 70 سال ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ جڏهن اقتدار ۾ آيس ته هر ڪم نئين سري سان شروع ڪرڻو پيو، هتي گهٽيون ۽ رستا موجود نه هئا، علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب نه هو، اسڪول ۽ ڊاڪٽرز نه هئا، جهلم ضلعي ۾ 47 ڊاڪٽرز هئا، اڄ الحمدالله جهلم ۾ 800 ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف موجود آهي، اسان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي، پاسپورٽ آفيس جهلم ۾ هئي، اسان پنڊ دادن خ??ن جي اندر پاسپورٽ آفيس آندي، اي او بي آءِ جي آفيس به هتي قائم ڪئي.