پنڊ دادن خان – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي، عمران خان جي ليول جو ڪو ليڊر پاڪستان ۾ موجود نه آهي، اسان جا مخالف سياسي ڄامڙا آهن، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري عمران خان جي موقف کي سدائين ٻڌو آهي، چين جي ??ور?? جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪ??و ويو. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پاڪستاني ليڊر ماسڪو جو ??ور?? ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جو روس جو ??ور?? گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس سان پاڪستان جا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته مريم نواز لنڊن مان پنهنجو پئسو واپس کڻي اچي ته حالتون ڪافي بهتر ٿي وينديون، مريم نواز ??ي احساس آهي ته پنهنجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پاڪستانين جو پئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي اسان جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پنهنجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻي اچي، عمران خان جي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين سان احترام جو تعلق آهي، اميد آهي ته هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ??هن پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ??هن ۽ وقت اچي ويو آهي ته جهلم جي ماڻهن جو اعتم??د ٻيهر حاصل ڪ??و وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان استعمال ڪئي ان تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پاڪستان جو ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان ??ي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.