اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اه??يت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.