اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي م??مو??ي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صوبي جي اندر جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ ڀرپور قدم ک??ڻ ج?? هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم ک??ڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي.