اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن نه روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ جي اعلان جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ڪان??رن?? اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي، اجلاس ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسلام آباد ۾ او آ3 سي اجلاس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، مخالف ڌر جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، نمبرز پورا آهن ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي ??هڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قري??ي چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ذريعي وزيراعظم عمران خان قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قري??ي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قري??ي چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قري??ي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ڪيو، ??ڪو??ت ڪٿي نه روڪيو، لانگ مارچ ڪندڙن کي آئنده به نه روڪيو ويندو.