اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عوام امانت جي طور تي ووٽ سياسي پارٽين جي نمائندن کي ڏيندي آهي، ??ن ۾ خيانت نٿي ٿي سگهي، پاڪستان جي قانون جي اندر ضمير فروش، ڀڳوڙن جو سدائين لاءِ رستو بند ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صدارتي ريفرنس اعليٰ عدليه جي سامهون آهي، ??وام ان سوال جو جواب چاهي ٿي، ??نهن ملڪ لُٽيو هجي، ڪيسز ثابت ٿين، معاشرو ان جي خلاف وڙهندو آهي، هتي پاپڙ وارن، فالودي وارن ۽ مقصود پٽيوالي جهڙن ڪردارن جي ذريعي اربين روپين جي منتقلي ٿيندي آهي. مملڪتي وزير چيو ته عجيب تماشو آ??ي جنهن وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع آهي ان جي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس نه آهي، ??يڪي بي اعتمادي رٿ آڻي رهيا آهن اهي سڀ ڪرپٽ آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪو غير آئيني ڪم ناهي ڪيو، مخالف ڌر جو روئڻ پٽڻ باقي رهجي ويو آهي، ??يڪڏهن مخالف ڌر وٽ نمبر پورا هجن ته ڇو ٽانگين ڪانپ رهيون آهن، پهرين جلسن تي پابندي لاءِ عدليا وٽ ويا، ان تي ڪجهه نه ٺهيو ته پنهنجو مارچ 24 کان 28 تي کڻي هليا ويا آهن، مخالف ڌر جي جلسي ۾ڪو به اچڻ وارو نه آهي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عوامي سمنڊ هوندو، ساڍا ٽن سالن کان اتحاد قائم، اڄ به اتحادي ڪابينا جو حصو آهن، رابطا آهن، پهرين وانگر هاڻي به اتحادي گڏ آهن، مخالف ڌر صرف بوکلاٽ جو شڪار آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان بي اعتمادي خلاف نه آهيون، ڇا پاڪستان جي جمهوريت اربن جي مار آهي، نوٽن جون ٻوريون آڻيو ۽ ووٽ خريد ڪري وٺو، ضمير جاڳڻ جو سبب نوٽن جي چمڪ آهي، هارس ٽريڊنگ جي بنياد تي عدم اعتماد ناهي هوندي، ??مران خان کان وڌيڪ مقابلو ڪير به نٿو ڄاڻي، ??خري بال تائين کيڏندو، استعيفا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي، ??ين آر او ٽولي کي ڪجهه ناهي ملڻ وارو، فتح، حق ۽ سچ جي ٿيندي، پي ٽي آءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جلسا ڪري رهي آهي، هڪ ڏينهن جي نوٽيس ۾ جلسا ڪرڻا وڏي ڳالهه هوندي آهي، ??وامي راءِ سامهون اچڻ ضروري آهي، هر سياسي پارٽي جمهوري حق استعمال ڪري سگهي ٿي.