اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪو?? جي ??يعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳ??ڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳ??اڻ چوڌري فواد حسين جي ??يان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي ??وهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ??والن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چيو ته ميڊيا جي ??وال پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف سوال پڇن ته کين موت جي ??زا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن چيو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي ??اوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي ??لاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪو?? تي ڪو?? ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته اهڙي ماڻهو ک?? ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي ??اءِ پاگل خانو هوندو آهي.