اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪي?? ۽ کيس پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي و??ار?? پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي تي ايران جي مسلسل حمايت ۽ فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار ت?? ايراني پرڏيهي وزير جو ٿور?? ادا ڪي??. ايراني پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني هم منصب جو ٿور?? ادا ڪندي کيس پاڪستان جي دوري لاءِ دعوت ڏني.