اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب انهن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري آفيسرن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي وزير ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي انهن جي ذاتي ۽ پيشيوراڻي ڀلائي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محم??د به ان موقعي تي موجود هو.