قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برسات?? ۽ ??وڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالق??وس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ ق??مي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وز??را??ظم سان گڏ هو. وز??را??ظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن طوفاني برسات?? ۽ ??وڏ سبب فصلن، باغن، روڊ?? ۽ ??نڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات?? ۽ ??وڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيم?? ۽ ??اڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي انگن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو ويندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي م??ڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ماڻهن تائين روزاني جي استعمال جون شيو?? ۽ ??يون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وز??را??ظم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي امداد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي اهلڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. وز??را??ظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي م??ڻهن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.