اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آ??ي. وزيراعظم چي?? ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آ??ي. وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آ??ي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چي?? ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.