اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سر??ار?? دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱاري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان دوحه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپ??ار?? ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ کان پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دوري سان پاڪستان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽ??ڪچ??، سياحت، لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطر?? سيڙپ??ار?? کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.