اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آه?? ته ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي ج?? لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ج?? ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوابشاهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آه??. صدر نوابشاهه ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آه??. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ع??لمي گرمي پد ۾ اضافي ج?? ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آه?? پر پاڪستان ان کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آه??، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ج?? ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آه??، ٻوڏ کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي ج?? لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. صدر سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آه??. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آه??ون، مشڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آه?? ته جلد کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آه??. صدر ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صدر کي ان موقعي تي انتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوابشاهه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.