ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏ??نداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه ??جل??س دوران ڳالهائيندي ڪيو. ??جل??س ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام مي??ڻ، صوبائي وزير، اين ايچ اي اختياريون، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. ??جل??س ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??جل??س ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ??جل??س ۾ اين ايچ اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه ش??يد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏ??نداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.