ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو و??ندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ?? ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو و??ندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو و??ندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ?? مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ??ئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو و??ي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو و??ندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو و??اقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.