اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ماحولياتي ??بديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي ??بديلين ۽ مسئلن جي حل ب??بت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ??دارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي ??بديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ماحولياتي ??بديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ??ن کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي ??ربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي ??بديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي ??بديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي ??ٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي ??ربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ??مرقند ۾ ٿيو هو.