اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چ??و ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چ??و ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ براب?? جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خب?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته ڪينيا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چ??و ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چ??و ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چ??و ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله ت??ال??ٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.