ڪراچي – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي م??اشري ۾ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ ذهني نقطه نظر ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ انهن جي شموليت، قبوليت ۽ پهچ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو خصوصي م??ڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي. اها ڳالهه هن نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ فار پيپل ود ڊس ايبليٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. گريجوئيشن جي تقريب ۾ مختلف ٽريڊز ۾ فني ۽ ووڪيشنل ڪورسز مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ثمينه عارف علوي چيو ته معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ڇو ته اها جسماني يا ذهني م??ذوري نه آهي جو خصوصي م??ڻهن جي واڌويجهه ۽ اڳتي وڌڻ جي امڪانن ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي خصوصي م??ڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون موجود آهن جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا انهن جي سهولت، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ايجنڊا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. خاتون اول چيو ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته خصوصي م??ڻهن سان امتيازي رويي کي ختم ڪيو وڃي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي سماجي ۽ مالي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان کي فروغ ڏنو وڃي. بيگم علوي چيو ته اسان کي روايتي تعليم سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن کي م??رڪيٽ تي ٻڌل فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ پيشيواراڻي تربيت سان لي?? ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي م??اشري جو ڪارائتو حصو بڻج?? سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪر?? سگهن. ثمينه عارف علوي خصوصي ٻارن کي روزگار تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪرڻ تي اين او ڊبليو پي ڊي پي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته خصوصي ادارن کانسواءِ خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ به تعليم ۽ تدريس جا موقعا فراهم ڪيا ??ڃن. هن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي آگاهي پکيڙين ۽ خصوصي م??ڻهن کي شامل ڪرڻ جي خيال کي فروغ ڏيڻ ۽ نامناسب زبان جي استعمال کان پاسو ڪن. ان موقعي تي اين او ڊبليو پي ڊي پي جي صدر امين هاشواڻي خطاب ڪندي چيو ته خصوصي م??ڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪر?? سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اداري جي م??تلف حصن جو دورو ڪيو جن ۾ ٽيڪسٽائيل لي??، ڪمپيوٽر لي?? ۽ آرٽس گيلري شامل آهن. آخر ۾ ثمينه عارف علوي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا جڏهن ته انسٽيٽيوٽ انتظاميا معزز مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو.