بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا ج?? پ??ڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون جنهن جو مقصد ٻطرفن رابطن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ آه??. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشين هم منصب ريتنو مارسودي بالي ۾ ملاقات دوران دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ٻنه?? پ??ڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بوسنيا هرزيگوينا ج?? پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي ??ري??يڪار جي ذريعي گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جا ٺوس نتيجا نڪرندا.