اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف ??نش??رنس پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اسٽيٽ لائيف پاليسي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي غيرضروري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن سان رياست ۽ شڪايت ڪندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چي?? ته اسٽيٽ لائيف ??نش??رنس بيماري لڪائڻ ??ي عذر ت?? ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چي?? ته پاليسي هولڊرز کي پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طبي طور ت?? صحتمند قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگه??ي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چي?? ته چار مختلف پاليسي هولڊرز مجموعي طور ت?? 19.5 لک رپين جي لائيف ??نش??رنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان جي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) ??نش??رنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پاليسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ ??و عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف محتسب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.