اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019?? تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي مناسب جواب جا اڄ چار ??ال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019?? جا واقعا ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪستان پاران زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي لاءِ خيرسگالي جي اظهار ??ور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي لاپروا??ي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل تحفظ جي لاءِ تيار ??هي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ??من جو دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي پرامن حل سان آهي.