اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي مو??م ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تي?? ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي مو??م ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي مو??م ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوا??ي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تي??ري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تي??ري جي حوايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت جي حوا??ي سان وزيراعظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي حوا??ي سان ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تي??ري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوا??ي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوا??ي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا ??ي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حوا??ي سان مو??د شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوا??ي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊ??ر، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.