لاهور – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مف?? اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفتي اٽي جي ورڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مف?? اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي فراهمي دوران چوري روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مف?? اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾پنجاب حڪومت پاران رمضان ۾ مف?? اٽي جي ورڇ ??ي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مف?? اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آهي، مف?? اٽي اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام تي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مف?? اٽي جي ورڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي ورڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي لاءِ اٽي جي ورڇ جا وڌيڪ 20 هزار ??وا??نٽس قائم ڪيا وڃن.