اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ما??هن جي مالي خودمختياري جي لاءِ مخصوص نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ما??هن جي حوصلا افزائي ۽ مدد سرڪاري ۽ نجي شعبن جي گڏيل ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان فائونڊيشن فائٽنگ بلائنڊنس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انيس الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته خصوصي ما??هن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ تربيت ۽ مخصوص مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ما??هن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر حڪومتي ۽ نجي شعبن تي ڏسڻ کان محروم ما??هن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ خصوصي ما??هن جي حقن ۽ مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر انيس الرحمان صدر کي اکين کان محروم ما??هن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کان آگ??هه ڪيو. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فائٽنگ بلائنڊنس فائونڊيشن گذريل 10 سالن دوران 50000 کان وڌيڪ ڏسڻ کان محروم ما??هن جي زندگين کي بدلايو، ڏسڻ کان محروم ٻارن خاص طور تي اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڇوڪرين کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج هاسٽل جي سهولتن جي کوٽ آهي. صدر کي ا?? ڳالهه کان آگ??هه ڪيو ويو ته ڏسڻ کان محروم شاگردن کي درپيش هڪ وڏو مسئلو امتحانن دوران لکڻ جي لاءِ معاونين جي عدم دستيابي آهي.