اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ ??اڪ??تان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتر??ف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي ص??ف ٿي رهيو آهي. هن ??اڪ??تان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا فريڊم ??نڊيڪس ۾ ??اڪ??تان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئن??ه آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم ??نڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي ??اڪ??تان کي ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊم ??نڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده ح??ومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا فريڊم ??نڊيڪس ۾ ??اڪ??تان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر جي چار سالا دور ۾ ??اڪ??تان پريس فريڊم ??نڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران ??اڪ??تان جي ميڊيا فريڊم ??نڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.