اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وز??ر??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند اهي، گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. وز??ر??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ابوظهبي پورٽس جي چ??ئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وز??ر??عظ?? چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. وز??ر??عظ?? ابوظهبي پورٽس جي پاڪستان جي بندرگاهن ۽ شپنگ جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي مقصد سان سندس ٻن مهينن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي هر ٻيو دورو آهي. وز??ر??عظ?? يقين ڏياريو ته گڏيل عرب اماراتج ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر سيد فيصل علي ??بز??اري، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود ??ئا. پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي پڻ ملاقات ۾ موجود ??و.