اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي منصوبي جي پڄا??ي خطي جي لاءِ اقتصادي تعاون وڌا??ڻ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاپي گڏيل عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ان منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، تاپي منصوبو اسان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته ان منصوبي تي تيز رفتاري سان عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي ٻارڻ جي مهانگي قيمتن ۽ گئس جي کوٽ جي ڏس ۾ اسان توانائي پائيدار بنيادن تي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي توانائي جي تحفظ تحت ڪوششون ڪري رهيا آهيون، تاپي منصوبي جي پڄا??ي خطي جي لاءِ اقتصادي تعاون وڌا??ڻ جي حوالي سان گيم چينجر ثابت ٿيندي.