پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي و??ن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وز??راعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني و??ن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي و??ن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپ??ار?? ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وز??راعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.