اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفو اقتصادي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، پا??ستان پنهنجي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آء?? ٽي)، ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد جو خواهشمند اهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي ۽ چين جي رياستي ??ائونسل جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان ڳالهائيندي ڪيو. چين جي نائب وزيراعظم پنهنجي وفد جي ??يم??رن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ آهي ۽ ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن ۽ دنيا کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي دوستي مان سبق سکڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تعاون جي نئين شعبن تائين وڌي رهيا آهن. پا?? چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان ڳالهه ڪندي صدر چيو ته س?? پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻڻ سان گڏوگڏ پا??ستان جي معاشي منظرنامي کي پڻ بدلائي ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته س?? پيڪ پا??ستان ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته پا??ستان ان جي سمورن بنيادي معاملن تي ??ين جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. صدر مشڪل وقت ۾ پا??ستان جي مالي مدد ڪرڻ تي ??يني حڪومت جا ٿورا مڃڻ کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ??ين جي اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. هن نائب وزيراعظم کي هلال پا??ستان جو اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پا?? چين دوستي ??ي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ منصوبن تي ??اميابي سان عملدرآمد جي لاءِ نگراني تي سندس ڪردار کي ساراهيو. صدر جا ٿورا مڃيندي چيني نائب وزيراعظم مارچ 2020ع ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته چين جي عوام اهو دورو ياد رکندي ڇو ته صدر پا??ستان ڪورونا وبا جي خطرن جي باوجود مشڪل وقت ۾ چين جو دورو ڪيو. هن خوشي سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته س?? پيڪ سان پا??ستان جي سماجي، اقصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي منظرنامي ۾ اهم تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اهو پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر به پا??ستان جي اقتصادي، واپاري ۽ رابطي ڪاري جي حيثيت کي وڌيڪ وڌائيندو. نائب وزيراعظم صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ چيني حڪومت جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پا??ستان عطا ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ هن صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيني صدر شي جن پنگ پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو.